جيون پيڙا پيار

جيون پيڙا پيار

جيون پيڙا پيار

جيون پيڙا پيار (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري اديب ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جو سهيڙيل آهي. جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي 38 ڪهاڻيڪارن جي تعارف ۽ تصوير سان گڏ انهن جي ڪهاڻين مان هڪ هڪ چونڊ ڪهاڻي پڻ ڏني وئي آهي، ڪتاب ۾: جمال ابڙي، اياز قادري، سوڀي گيانچنداڻي، انيس انصاري، سليم ڪورائي، روشن علي تني، ملڪ آگاڻي، ڪيهر شوڪت، مهتاب اڪبر راشدي، رزاق مهر، زيب سنڌي، اختر جانوري، منظور ڪوهيار، بدر ابڙي، ڪليم لاشاري، اخلاق انصاري، انور پيرزادي، ممتاز عباسي، جهان آرا سومري، در محمد پٺاڻ،شاهنواز سوڍر، محمد هاشم حامي، ممتاز ابڙي، اسحاق انصاري، غلام مصطفيٰ مشتاق، محمد علي پٺاڻ، ادا انصاري، غلام مصطفي ٰمشتاق، محمد علي پٺاڻ، ادا قاضي، مقصود گل، احسان دانش، سڪندر عباسي، بدر ڌامراهو، رياضت ٻرڙي، جھانگير عباسي، محمود شرف صدقي، ايوب گاهه، انور موج، رضوان گل، ۽ بشير احمد نالي اديبن ۽ ليکڪن جا تعارف ۽ ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيڪارن جا تعارف احسان دانش لکيا آهن. ڪتاب جو ٽائيٽل ناليواري چترڪار منور ابڙي جو ٺهيل آهي. 276 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 130 روپيا آهي. جنهن کي سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي نومبر 2000ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو